حفيظ الله کوهارو

حفيظ الله کوهارو

حفيظ الله کوهارو

حفيظ الله کوهارو: چترڪار حفيظ الله ولد حامد الله کوهارو، 15 مارچ 1953ع تي ڳوٺ سيڙا ڍورائي، تعلقي ڏوڪريءَ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول دڙي، ميٽرڪ ڊي. سي. هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي، انٽر ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪيائين. ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس) پاس ڪيائين. ماسٽر آف آرٽس جي امتحان ۾ سڄي سنڌ ۾ پهريون نمبر کنيائين. کيس مصوريءَ جو فن ورثي ۾ مليو. سندس والد به تمام وڏو چترڪار هو. هن ننڍپڻ کان ئي پنهنجي والد کان فن جي سکيا ورتي. هن شاهه لطيف جي بيتن تي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جا سر ورق به ٺاهيا سندس فن پارن جون نمائشون 1973ع ڌاري حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج، 1983ع ڌاري پبلڪ اسڪول سکر، 2000ع ڌاري اسڪائوٽ گرائونڊ ڪراچي ۽ پندرهين آڪٽوبر 2003ع تي لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيون. هيءُ گورنمينٽ پائليٽ سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ڊرائنگ جي استاد طور فرائض سر انجام ڏيندو رهيو. سندس وفات 18 ڊسمبر 2011ع تي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.03.15  عيسوي

چترڪار حفيظ الله ولد حامد الله کوهارو، 15 مارچ 1953ع تي ڳوٺ سيڙا ڍورائي، تعلقي ڏوڪريءَ ۾ ڄائو.


2003.10.15  عيسوي

حفيظ الله کوهارو جي فن پارن جون نمائشون 1973ع ڌاري حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج، 1983ع ڌاري پبلڪ اسڪول سکر، 2000ع ڌاري اسڪائوٽ گرائونڊ ڪراچي ۽ پندرهين آڪٽوبر 2003ع تي لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيون.


2011.12.18  عيسوي

سندس وفات 18 ڊسمبر 2011ع تي ٿي.



مُصوّر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شفقت حسين وڌو
رافيل
ظفر ڪاظمي
دهلوي عبدالحميد
حفيظ الله کوهارو
نياز شيخ
عبدالقادر وارثي
صادقين احمد نقوي سيد
علي اڪبر سومرو
سليمه هاشمي
مُصوّر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون